پرڀاتي راڳڻي

پرڀاتي (راڳڻي): هي ڀيرو ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي، سر مڌم وادي اٿس. هن راڳ ۾ رکب ۽ ڌيوت ڀيرو راڳڻي وانگر لڳي ٿو، پر مڌم وادي سُر هجڻ ڪري ڀيرو جي شڪل کان الڳ ٿي بيهي ٿو ۽ پنچم جي ڪري للت کان الڳ. هن جي امروهي ۾ مڌم ۽ نکاد جا سُر اچن ٿا، ان لاءِ رامڪليءَ کان الڳ، نکاد ۽ گنڌار جي موجودگي کيس گنڪليءَ کان ڌار ڪري ٿي، جـو گن ڪلي ۾ اهي سر ورج آهن. هيءَ راڳڻي هميشه بلـمپـت ۾ ڳـائڻ گهرجي. هي درت لئه ۾ ڳائبي ته جلد ڪالنگڙي جي صورت اختيار ڪندي، ڇو ته هن راڳڻيءَ ۾ ٻئي مڌم لڳايا وڃن ٿا. هن ۾ صفتي ڪلام ڳايو وڃي ٿو. هن جي خاص تان: ما گي- گي را- سا ڌا- ني سا سا- گي ما ڌا- پا ما ما آهي. هن جي آروهي: سا را گي ما پا ڌا ني ۽ امروهي: سا ني ڌا پا ما گي را سا آهي، جڏهن ته وادي سُر: مڌم آهي، هن جي ڳائڻ جو وقت صُبح آهي.
[راڳ ساگر ۾ هن راڳڻـيءَ جـو ذڪـر ڀيـرو ٺـاٺ جي ضمن ۾ ڪيل نه آهي.]


هن صفحي کي شيئر ڪريو